اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ??يئرپرسن محترمه بينظير ??ٽو جي سندس شهادت جي ??هاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته بينظير ??ٽو شهيد پنهنجي نالي وانگر بين??ير هئي، هن مُشڪل حالتن ۾ به هڪ بهادر ڌيءَ، ماءُ، گهرواريءَ ۽ ڀيڻ جا رشتا وڏي خوبي ۽ جرئت سان نڀايا، بينظير ??ٽو سياست ۾ تدبر، بهادري ۽ جدوجهد جو روشن مثال آهي، هوءَ آخري ساهه تائين وفاق جي زنجير بڻجي پاڪستان جي اتحاد، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ سرپيڪار رهي. بينظير ??ٽو جي شهادت جي ??هاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته بينظير ??ٽو عورت سياسي ڪارڪنن جي لاءِ هڪ تحريڪ جو درجو رکندي هئي جنهن سدائين آمريت کي للڪاريو. هن چيو ته محترمه بينظير ??ٽو ذاتي زندگي ۾ به ڏک برداشت ڪيا پر مشڪلاتن ان جي سياسي ۽ جمهوري جدوجهد کي وڌيڪ طاقتور بڻائينديون ويون. آئين، پارليامينٽ، جمهوريت، عوامي حقن ۽ سماجي بهتري جي لاءِ بينظير ??ٽو شهيد جي جدوجهد سدائين ياد رکي ويندي، سندس شهادت پاڪستان جو تمام وڏو نقصان هو جنهن کي قوم ڪڏهن وساري نه سگهندي. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته اڄ جي ??ينهن تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي به خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جنهن ”پاڪستان کپي“ جو نعرو هڻي پاڪستان جي اتحاد کي وڌيڪ مضبوط بڻايو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، بختاور ۽ آصفه ڀٽو سميت سمورن گ??رڀ??تين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيد بينظير ??ٽو کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل ڏي.