اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف چيو آهي ته پاڪستان گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپ??ل قراردادن موجب ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ پنهنجي اڻٿڪ اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. خودمختياري جي حق جي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهب??ز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 5 جنوري جو ڏينهن هر سال ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق جي ڏهاڙي طور تي ملهايو وڃي ٿو. اڄ جي ڏينهن 1949ع ۾ گڏ??ل قومن جي هندستان ۽ ڀارت بابت ڪميشن هڪ قرارداد منظور ڪئي جيڪا ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آزاداڻي ۽ منصفاڻي ريفرنڊم جي ضمانت ڏي ٿي ته جيئن ڪشميري عوام پنهنجي خودمختياري جو حق استعمال ڪري سگهن، خودمختياري جو هق عالمي قانون جو بنيادي اصول آهي جنهن کي عالمي انسني حقن جي تنظيمن پاران تسليم ڪيو وڃي ٿو. هر سال گڏ??ل قومن جي جنرل اسيمبلي هڪ قرارداد منظور ڪري ٿي جيڪا ماڻهن کي پنهنجي تقدير پاڻ طئي ڪرڻ جي قانوني حق جي نشاندهي ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته اها هڪ افسوسناڪ ڳالهه آهي ته ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام گذريل 75 سالن ۾ ان حق جو استعمال نه ڪري سگهي. ڀارتي حڪومت نه رڳو ڪشميرين جي نه ڇڏڻ جهڙي خودمختياري جي حق کان انڪار ڪيو آهي پر هن ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ خوف جو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي. 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن سان ڪشميرين تي ڏاڍ جي هڪ نئين باب جو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته هي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد م??لوم ڪشميري عوام جي بنيادي حقن جي حوالي سان عالمي برادري کي ان جي ذميواري ياد ڏيارڻ آهي. گڏ??ل قومن کي انهن واعدن تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي جيڪي ه?? 74 ??ال اڳ ڪيا هئا ته جيئن ڪشميري عوام پنهنجي خودمختياري جو حق حاصل ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته هن ڏينهن آئون پاڪستان جي حڪومت جي ان عزم کي ورجايان ٿو ته پاڪستان گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپ??ل قراردادن موجب ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ پنهنجي اڻٿڪ اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.