اسلام آباد– 30 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي روسي هم منصب سرگئي لاروف سان سومر تي باضابطه ملا??ات ڪندو. ان کان اڳ پاڪستان جو پرڏيهي وزير ٻن ڏ??نهن جي سرڪاري دوري تي ماسڪو پهتو. پرڏيهي آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو روس جي پرڏيهي وزارت جي اعلي عهديدارن، روس ۾ پاڪستان جي سفير شفقت علي خان ۽ سفارتخاني جي ٻين عملدارن آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير اهو دورو روسي هم منصب سرگئي لاروف جي دع??ت تي ڪري رهيو آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ اڄ باضابطه ملا??ات ٿيندي.