اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ پشاور ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ شهيد ٿيندڙن جي پونئيرن سان تعزيت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حماي?? جاري رکڻ ۽ تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چيني صدر شي جن پنگ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ن??لي ??ڪ تعزيتي پيغام ۾ چيني حڪومت ۽ عوام پاران پشاور ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ شهيد ٿيندڙن جي پونئيرن سان تعزيت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. چين جي صدر پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چيو آهي ته چين دهشتگردي جي خاتمي جي قومي ا??ڪش?? پلان کي فروغ ڏيڻ، سماجي استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ عوام جي سلامتي جي تحفظ جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حماي?? جاري رکندو ۽ خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ سلامتي جي گڏيل تحفظ جي لاءِ پاڪستان سان دهشتگردي جي خاتمي جي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ ت??ار آهي. چيني وزيراعظم لي ڪي چيانگ پڻ وزيراعظم محمد شهباز شريف کي پشاور دهشتگرد حملي ۾ جاني نقصان تي تعزيتي پيغام ڏنو آهي. يڪجهتي جي اظهار تي وزيراعظم چيني صدر ۽ چيني وزيراعظم جا ٿورا مڃيا آهن.