ڪراچي – 21 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دنيا جي تازي رجحان ۽ اڳڀرائي س??ن هم آهنگ رهڻ لا??ِ تيز تر فيصلا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته يونيورسٽيون تعليم ۽ تربيت جي معيار کي وڌيڪ بهتر بڻائين، يونيورسٽيون خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ اعليٰ معيار ۽ هنرمند گريجوئ??ٽس تيار ڪن، يونيورسٽيون آن لا??ين ۽ هائبرڊ جي ذريعي تعليم جي مدد سان وڌيڪ انگ ۾ گريجوئ??ٽس پيدا ڪن، سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لا??ِ پاڪستان کي پنهنجي انساني وسيلن جي فڪري ترقي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب هو پاڪستان ايئر فورس ايئر وار ڪاليج انسٽيٽيوٽ جي سينيٽ اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان کي 22 ملين اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي اسڪول ۾ آڻڻ، اعليٰ تعليمي ادارن ۾ دا??لائن جي شرح کي بهتر بڻائڻو پوندو. پاڪستان ۾ رڳو 9 سيڪڙو شاگرد ايف ايس سي کانپوءِ يونيورسٽين ۾ دا??لا وٺن ٿا. پاڪستان ۾ هر سال آءِ ٽي ۽ لاڳاپيل شعبن ۾ رڳو 35 هزار گريجوئ??ٽس پيدا ڪري ٿو، رڳو 35 هزار آءِ ٽي گريجوئ??ٽس مارڪيٽ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لا??ِ ناڪافي آهن. هن چيو ته پاڪستان کي باقي دنيا سان رفتار برقرار رکڻ جي لا??ِ آءِ ٽي ۽ لاڳاپيل شعبن ۾ گريجوئ??ٽس جي انگ ۾ بهتري آڻڻ گهرجي. يونيورسٽيون پنهنجي فزيڪل انفراسٽرڪچر کي موثر طريقي س??ن استعمال ڪن. وڌيڪ شفٽون متعارف ڪرائين. يونيورسٽين ۾ شاگردن جو انگ وڌائڻ جي لا??ِ آن لا??ين تعليم جي ڪاٿي ۾ اضافو ڪن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته دنيا جي 52 سيڪڙو سائبر سيڪيورٽي ماهرن وٽ ڪا ڊگري نه آهي. آن لا??ين تعليم جي ذريعي پاڻ کي هنر سان آراسته ڪريو. هن چيو ته پاڪستان آءِ ٽي جي شعبي ۾ نوجوانن جي مهارتن جي واڌويجهه جي لا??ِ هڪ آن لا??ين پروگرام ڊيجي اسڪلز متعارف ڪرايو. ڊيجي اسڪلز پروگرام سان هيستائين 25 لک کان وڌيڪ ماڻهو فائدو کڻي چڪا آهن. صدر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ اٽڪل 70 هزار شاگرد ايف ايس سي جو امتحان پاس ڪن ٿا، سيٽن جي گهٽتائي ۽ محدود وسيلن جي ڪري رڳو 8 هزار شاگرد ئي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ دا??لا وٺي سگهندا آهن.