اسلام آباد – 10اپريل (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته اسان سڀني کي آئين پاڪستان جي پاسداري ڪندي س??ورن پاڪستانين لاءِ هڪ پرامن، خوشحال معاشري جي تعمير لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. آئين پاڪستان جي گولڊن جوبلي جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته آئين پاڪستان جي گولڊن جوبلي (50 هين سالگرهه) جي موقعي تي ديس واسين کي مبارڪون ڏيان ٿي، پنهنجي عظيم قائد ۽ آئين جي خالق شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس ساٿين کي خراج ت??سين پيش ??ريان ٿي ??نهن ان تاريخي دستاويز کي تيار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سينيٽر شيري رحمان چيو ته هي اسان جي ملڪ جي تاريخ جو هڪ اهم سنگ ميل آهي، ان ڏکئي ۽ ڊگهي س??ر ۾ اسان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو ۽ وڃايو آهي. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو، ڪارڪنن ۽ سمورن جمهوريت پسند ماڻهن کي س??ام پيش ??ريان ٿي ??ن آئين ۽ جمهوريت جي ان سفر ۾ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ??يو، آئون آصف علي زرداداري ۽ اتحادي حڪومت جي ٿورائتي آهيان جن 2010ع ۾ 18 هين ترميم پاس ڪري 73 ع جي آئين کي بحال ڪيو. شيري رحمان چيو ته اسان جي قوم لاءِ آئين هڪ جمهوري، منصفاڻو ۽ برابر معاشري جي رهنما اصولن جو ڪم ڪري ٿو، آئين وفاق جي س??ورين ڌرين ۽ شهرين وچ ۾ هڪ سماجي معاهدو آهي. هن چيو ته هي شهيد ڀٽو جو آئين ئي آهي جيڪو اسان کي پاڻ ۾ مضبوطي سان جوڙي رکي ٿو ۽ وکرڻ نٿو ڏي. اچو پنهنجي آئين ۾ داخل قدرن کي برقرار رکڻ جي لاءِ عزم ڪريون ۽ آئين جي پاسداري ڪندي س??ورن پاڪستانين لاءِ هڪ پرامن، خوشحال ۽ برابري معاشري جي تعمير لاءِ گڏجي ڪم ڪريون.