اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي ڳالهين جي سياست تي يقين رک?? ٿي، ملڪ ۾ هڪ ئ?? وقت چونڊن جا حامي آهيون، هڪ صوبي ۾ اڳ ۾ چونڊون ٻين صو??ن جي چونڊ نتيجن تي اثرانداز ٿ??نديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته چونڊن جي حوالي سان اتحادي پارٽيون پارليامينٽ جي فيصلي سان گڏ بيٺل آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چونڊون پنهنجي وقت تي ٿيڻ گهرجن، عدالتي حڪم جي باوجود عمران خان جي دور ۾ پنجاب ۾ بلدياتي چونڊون نه ڪرايون ويون. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جو موقف آهي ته چونڊون پنهنجي وقت تي ٿيڻ گهرجن، اسان ڪالهه به ون يونٽ جي خلاف هئاسين اڄ به آهيون. پرڏيهي وزير واضح ڪيو ته هڪ صوبي ۾ اڳ ۾ چونڊون ٻين صو??ن جي چونڊ نتيجن تي اثرانداز ٿ??نديون.