اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) پر??يه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير رينا ڪيونڪا پر??يه?? آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پر??يه?? آفيس موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. پر??يه?? وزير ۽ يورپي يونين جي سفير ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ وڌندڙ ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻطرفن ۽ گهڻ رخي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي پر??يه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جي ايس پي پلس سميت اقتصادي شعبي ۾ تعاون پاڪستان ۽ يورپي يونين ٻنهي جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو رهندو.