ڪوئيٽا – 22 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان چيو آهي ته مثبت قومي تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۾ اسٽيٽ مي??يا جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي، پي آءِ ڊي، پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان ۽ اي پي پي جي وچ ۾ موثر رابطي ڪاري کي فروغ ڏئي انتظامي معاملن کي آسان ۽ فراهم ڪيل سروسز ۾ وڌيڪ بهتري آڻي سگهجي ٿي. اهڙن خ??ال?? جو اظهار هن پريس ا??فارميشن ڊپارٽمينٽ، پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان ۽ اي پي پي جي ريجنل سربراهن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پريس ا??فارميشن ڊپارٽمينٽ جو ريجنل هيڊ عبدالمنان خان پڻ موجود هو. اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري سهيل علي خان چيو ته پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام ۾ ريڊيو پاڪستان جا نوان ڊيجيٽل ٽرانسميٽر هڻڻ جا منصوبا شامل آهن، انهن منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان ريڊيو جي ٻڌندڙن کي تصديق ٿيل معلومات تي ٻڌل معياري نشريات ٻڌڻ لاءِ ملندي. هن چيو ته بلوچستان ۾ قائم سرڪاري مي??يا جي ريجنل آفيس جي مسئلن جو جائزو وٺي انهن جي حل لاءِ لاڳاپيل انتظامي سربراهن کي ضرور?? وسيلا فراهم ڪيا ويندا جڏهن ته مقامي سطح تي اسٽيٽ مي??يا جا مقامي ذميوار گڏيل رابطي ڪاري کي موثر بڻائي دستياب وسيلن تحت لاجسٽڪ ۽ انتظامي معاملن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻن. اجلاس ۾ پي آءِ ڊي بلوچستان جي ريجنل ڊائريڪٽر عبدالمنان، پي ٽي وي جي جنرل مئنيجر، ريڊيو پاڪستان جي اسٽيشن ڊائريڪٽر انيس ا??رحمان ۽ اي پي پي جي بيورو چيف نذر محمد بلوچ اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري کي پنهنجي پنهنجي ادارن بابت بريفنگ ڏني.