اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي وطن جي لاءِ اڻٿڪ خدمتن ۽ قرباني تي انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته قوم شهيدن جي قربانين کي نه وساريندي ۽ اها سدائين انهن جي ٿورائتي رهندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جا??ي بيان موجب صدر شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر 18 مئي تي باجوڙ ۾ شهيد ٿي??دڙ سپاهي شفيق الرحمان جي وارثن سان ٽيليفون تي ڳالهه ??ولهه ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي 24 مئي تي دته خيل ۾ شهيد ٿي??دڙ سپاهي جواد خان ۽ سعيدالله جي پونئيرن سان پڻ ڳالهه ??ولهه ڪئي. صدر شهيدن جي وطن لاءِ اڻٿڪ خدمتن ۽ قرباني تي انهن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته قوم شهيدن جي قربانين کي نه وساريندي ۽ اها سدائين انهن جي ٿورائتي رهندي. صدر شهيدن جي حب الوطني جي جذبي ۽ فرض سان لڳاءُ کي پڻ ??اراهيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جي پڻ ??عا ڪئي.