اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 3 جون ت?? انقره ۾ ترڪيه جي صدر رجب طيب ا??دو??ن جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب کيس ان دوري جي دعوت ترڪيه جي صدر رجب طيب ا??دو??ن ڏني آهي. وزيراعظم جو دورو پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهري ڀائراڻن لاڳاپن جو ورجاءُ هوندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف 28 مئي 2023ع تي رجب طيب ا??دو??ن جي ترڪيه جي صدارت جي لاءِ ٻيهر چونڊجڻ تي حڪومت ۽ پاڪستان?? عوام پاران مبارڪباد ڏيندو. پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهڻ رخي لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ وزيراعظم صدر ا??دو??ن کي اسلام آباد ۾ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل (ايڇ ايل ايس سي سي) ۾ شرڪت جي دعوت ڏيندو. پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا گڏيل عقيدي، ثقافت ۽ تاريخ جي هڪ جهڙائي تي ٻڌل آهن ۽ اهي گڏيل اعتماد ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن ت?? نظرين جي هم آهنگي سان م??بو?? ٿين ٿا. اعليٰ قيادت جي سطح تي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري ڳانڍاپي جو نمايان رخ آهي.