اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) اقتصادي سروي 23 -2022ع جاري ڪرڻ تي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ??يفالٽ نه ڪندو ۽ نه ئي ان جو ڪو خطرو موجود آهي، هن چيو ته ناڻي واڌ معيشت لاءِ واقعي ئي اهم مسئلو آهي پر اسان ان ??ي وقت سان ??ڏوگڏ گهٽ ڪري رهيا آهيون ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ان ۾ گهٽائي جي اميد آهي. ناڻي واري وزير چيو ته گذريل حڪومت اسٽيٽ بئنڪ کي مڪمل خودمختياري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت جي مالي مشڪلاتن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو، هن چيو ته پا??يس?? ريٽ 14 کان 21 سيڪڙو تي هليو ويو آهي تنهن هوندي به ان ??ي هيٺ آڻڻ ۾ وقت گهربل آهي. اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته اها ڳالهه تاريخ جو حصو بڻجي وئي آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچايو آهي ان سان ??ڏوگڏ ٻاهرين ??دا??يگين جي نظام کي به بهتر ڪيو ويو جنهن سبب ليٽر آف ڪريڊٽ جا مسئلا حل ڪرڻ سان ??ڏوگڏ ٻين ٻاهرين ??دا??يگين کي به ممڪن بڻايو ويو آهي. هن چيو ته هڪ ڏينهن يا هڪ هفتي ۾ ناڻي واڌ يا پا??يس?? ر??ٽ ته گهٽ نٿو ڪري سگهجي تنهن هوندي به قوم مطئمن رهي ته اسان مشڪل وقت مان ??ذري چڪا آهيون. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ميڊيا جي به اها ذميواري بڻجي ٿي ته هو عوام کي صحيح انگن اکرن کان آگاهه ڪري ته جيئن عوام ۾ جيڪا ڳڻتي جي لهر ڏٺي وڃي ٿي ان ۾ گهٽتائي واقع ٿي سگهي.