اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان 12 کان 14 جولاءِ تائين انڊونيشيا جي شهر جڪارتا ۾ منعقد ٿيندڙ آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) جي 30 هين وزارتي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اي آر ايف جي 27 ميمبر ملڪن جا پرڏيهي وزير ۽ آسيان جو سيڪريٽري جنرل اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. وزارتي اجلاس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري ايشيا پيسفڪ جي لاءِ ڳڻتي جي سياسي ۽ سيڪيورٽي معاملن تي ڳ??له?? ٻولهه ۽ تعاو?? جي ذريعي گڏيل حل کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڳ??له?? ٻولهه ۾ حصو وٺندو. جڪارتا ۾ پرڏيهي سيڪريٽري انڊونيشيا جي عملدارن ۽ اي آر ايف جي ميمبر ملڪ?? جي هم منصبن ۽ دورو ڪندڙ وزيرن سان ملاقاتون ڪندو. هو ان موقعي تي ٿنڪ ٽينڪس، ڪاروباري اڳواڻن ۽ ميڊيا سان پڻ ڳ??له?? ٻولهه ڪندو. بيان موجب اي آر ايف 1994ع ۾ قائم ڪيو ويو جيڪو علائقائي امن ۽ سلامتي بابت مسئلن تي ايشيا پيسفڪ جي ملڪن ??ي وچ ۾ مشاورت جو هڪ اهم پليٽ فارم آهي. 2004ع ۾ اي آر ايف ۾ شموليت کان وٺي پاڪستان فورم جو هڪ فعال ميمبر رهيو آهي ۽ هو باقاعدگي سان ا?? جي سرگرمين ۾ حصو وٺي ٿو.