اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نصاب ڪنه?? به تعليمي انفراسٽرڪچر ۾ ڪرنگه?? جي هڏ?? جي حيثيت رکي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي آئين ۽ ڪمپيوٽر ڪوڊنگ کي پنهنجي قومي نصاب ۾ شامل ڪري، اسان پنهنجي ايندڙ نسل جي لاءِ پنهنجي حقن ۽ ذميوارين کي چڱي طرح سان ڄاڻڻ جو بنياد رکيو آهي. هن چيو ته اسان جو تصور ??هو آهي ته جڏهن اسان جا ٻار هن ملڪ جون واڳون سنڀاليندا ته اهي آئين سان گڏوگڏ انفارميشن ٽيڪنالاج?? جي علم کا?? به چڱي ريت واقف هوندا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سلمان صوف?? جي سربراهي ۾ اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ تعليم واري وزارت سان گڏجي انهن سڌارن جي قيادت ڪئي آهي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته اسان پنهنجي حڪومت جي مد?? جي مختصر عرصي ۾ بامعنيٰ تعليمي سڌارن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهون.