اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اقليتن جي مذهبي، سماجي، سياسي ۽ معاشي حقن جي تحفظ جي لاءِ اڻٿڪ عزم ج?? ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته آئين سمورن شهرين جي مذهبي ??قي??ي يا نسل کان قطعي طور سياسي، معاشي ۽ سما??ي حقن جي ضمانت ڏي ٿو، پاڪستان اقليتن ??ي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندو رهندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار اقليتن جي قومي ڏينهن جي م??قعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته ملڪي ترقي ۾اقليتن جي ڪردار جو اعتراف ڪريون ٿا ۽ انهن کي ان تي ساراهيون ٿا. صدر اقليتن جي ڏينهن تي قوم ج?? تعمير جي عمل ۾ اقليتن جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو ته اسلام اسان کي اقليتن ??ي حقن جي تحفظ ۽ سمورن ماڻهن جي وچ ۾ برابري جو درس ڏي ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان اقليتن جي ڀلائي لاءِ مسلسل ڪوششون ڪيون آهن، انهن قدمن جو مقصد ملڪ جي سياسي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اقليتن جي فعال شرڪت ??ي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي. صدر چيو ته پاڪستان اقليتن ??ي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندو رهندو، مذهبي اسڪالرز ۽ ميڊيا کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي معاشري کي اقليتن ??ي حقن بابت آگاهه ڪن، ملڪ ۾ محبت، رواداري، ڀائيچاري ۽ اتحاد جي ڪلچر کي ??روغ ڏين. صدر ان يقين جو اظهار ڪيو ته اقليتون قومي ترقي جي عمل ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪنديون رهنديون.