اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ميڊيڪل ڪاليج?? ۾ ??اخلا جي خواهشمند شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ اهم قدم کڻندي ايم ڊي ڪيٽ ٽ??سٽ جي تاريخ ۾ توسيع ڪري ان کي 10 سيپٽمبر 2023ع تي منعقد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان کان اڳ ايم ڊي ڪيٽ ٽ??سٽ 27 آگسٽ تي منعقد ٿيڻي هئي. نگران وزيراعظم شاگردن ۽ شاگردياڻين جي درخواست تي ايم ڊي ڪيٽ جي تاريخ ۾ توسيع جو فيصلو ڪيو. ايم ڊي ڪيٽ جي تاريخ ۾ توسيع سان شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ميڊيڪل ڪاليج?? ۾ ??اخلا جي امتحان جي لاءِ وڌيڪ تياري جو وقت ملندو.