اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ??يو آهي ته ٻارن ??ي حقن جي پائمالي ڪندڙ ڏوهارين جي خلاف باقاعده قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن کي جلد کان جلد ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻارن ??ي حقن بابت قومي ڪميشن جي چيئرپرسن اڳوڻي سينيٽر عائشه رضا ??اروق سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ڪالهه اڱاري ڏينهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ عائشه رضا ??اروق انوارالحق ڪاڪڙ ??ي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڳوڻي سينيٽر ۽ ٻارن ??ي حقن بابت قومي ڪميشن جي چيئرپرسن عائشه رضا ??اروق جي قيادت ۾ ٻارن ??ي حقن بابت قومي ڪميشن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيراعظم ٻارن ??ي حقن بابت قومي ڪميشن جي سهولت لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جو عزم ڪيو. ان موقعي تي عائشه رضا ??اروق وزيراعظم کي ملڪ ۾ ٻارن ??ان زيادتي ۽ چائلڊ ليبر جي موجوده صورتحال بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ٻارن ??ي حقن جي پائمالي ڪندڙ ڏوهارين جي خلاف باقاعده قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن کي جلد کان جلد ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. ملڪ ۾ ٻارن ??ي حقن جي تحفظ ۽ ٻارن ??ي حقن بابت قومي ڪميشن کي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ موثر قانونسازي ڪئي ويندي.