اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم ان??ارالحق ڪاڪڙ دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي تي ملڪ جي لاءِ جانين جا ن??را??ا پيش ڪندڙ هيروز کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد اسان جي مٿي جا موڙ آهن ۽ اسان ان??ن جي قربانين جا قرضي آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن دفاع جي ڏهاڙي جي حوالي سان قومي يادگار شڪر پڙيان تي ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پڻ موجود هو. نگران وزيراعظم تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي دفاع لاءِ پنهنجي جانين جا ن??را??ا پيش ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو ۽ هتي دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ موجود آهيان ته اسان پنهنجي شهيدن کي وساريو ن?? آهي، اهي الله جي راهه ۾ پنهنجي جانين جا ن??را??ا پيش ڪن ٿا، شهيد اسان جي مٿي جا موڙ آهن، اسان شهيدن جي قربانين ۽ ان??ن جي خاندانن جا قرضي آهيون، اهو قرض ادا ڪرڻ ۾ جيڪو ن??ڍڙو ن??را??و اسان پيش ڪريون ٿا اهو ان??ن جي ۽ ان??ن جي پيارن جي تڪريم آهي. هن چيو ته اهو ئي اهو جذبو آهي جنهن جو ذڪر علامه اقبال به پنهنجي شعرن جي ذريعي ڪيو. شهادت هڪ عظيم رتبو آهي جنهن جو الله تعاليٰ وٽ تمام وڏو اجر آهي.