تاشقند – 09 – نومبر (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي 16 هين سربراهي اجلاس جي موقعي تي علائقائي اڳواڻن سان گڏ گروپ فوٽو ڪڍرايو. ان کان اڳ نگران وز??راعظم جيئن ئي تاشنقد ڪنوينشن سينٽر پهتو ته ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف سندس استقبال ڪيو. ڪانفرنس هال طرف وڌڻ کان اڳ اجلاس ۾ سمورن ش??يڪ اڳواڻن گروپ فوٽو ڪڍرايو. واضح رهي ته نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ، نگران پرڏيهي وز??ر جليل عباس جيلاني ۽ واپار وار?? نگران وفاقي وز??ر گوهر اعجاز سم??ت وفد سان گڏ ٻن ڏينهن جي دوري تي تاشقند پهتو آهي جتي هو اي سي او جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. اجلاس جي موقعي تي هو تنظيم جي ويزن 2025ع ۽ واپار، ٽرانسپورٽ، گڏيل رابطي، توانائي، سياحت، اقتصادي ترقي ۽ پيداواري شعبن ۾ علائقائي تعاون کي فروغ ڏ??ڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندو.