اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ذهني صح?? جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قومي سطح تي پاليسي ٺاهڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جي 24 سيڪڙو آبادي کي ذهني صح?? جا مختلف مسئلا درپيش آهن، ذهني صح?? جي خدمتن جي فراهمي جي لاءِ اداراجاتي فريم ورڪ قائم ڪرڻو پو??دو، نفسياتي مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ضرورت آهي. هو ذهني صح?? بابت اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ صح?? واري نگران وفاقي وزير سميت صوبائي کاتن ۽ نفسياتي صح?? تي ڪم ڪندڙ ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ قومي صح?? واري وزارت پاران ذهني صح?? جي ايپ ”همراز“ تي روشني وڌي وئي. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته اپريل 2023ع ۾ ۾ قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين 240000 کان وڌيڪ ڪالز موصول ٿي چڪيون آهن. صدر ذهني صح?? جي خدمتن جي فراهمي لاءِ همراز ايپ قائم ڪرڻ کي ساراهيو ۽ ذهني صح?? تي معاونت جو نظام بهتر ڪرڻ ۽ همراز ايپ موثر بڻائڻ تي زور ڏنو. صدر چيو ته ذهني صح?? پاڪستان جي لاءِ هڪ اهم مسئلو آهي، سرڪاري ۽ نجي شعبن جي مهارت استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ٺوس ڪوششن جي ضرورت آهي، ذهني صح?? بابت سمورن قدمن تي هڪ ٺوس موقف اختيار ڪرڻو پو??دو. صدر پيشيور ماڻهن جي کوٽ ختم ڪرڻ جي لاءِ آن لائين تربيت، انساني وسيلن جي صلاحيت ۾ اضافي ۽ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ نفسياتي معاونت فراهم ڪرڻ، مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ خاندان جي ڪردار تي روشني وڌي. اجلاس ۾ لاڳاپيل وزارتن، آمريڪا ۽ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني نفسياتي تنظيمن سميت مختلف ڌرين جي مدد سان ٺوس موقف جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. صح?? واري نگران وفاقي وزير صح?? جي مختلف مسئلن بابت شعور اجاگر ??رڻ ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ خاتون اول جي ڪردار کي ساراهيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ايوان صدر جي قائم ڪيل روايت برقرار رهندي ۽ ان تي عمل جاري رکيو ويندو.