اسلام آباد – 12 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي انقلاب اسلام?? ايران جي فتح جي سا??گرهه ت?? ايران جي حڪومت ۽ ايراني عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران جون حڪومتون ۽ عوام هڪ ٻئي سا?? دوستاڻن لاڳاپن جي اهميت ۽ افاديت کا?? چڱ?? ريت واقف آهن. ايراني سفارتخاني جي اهتمام هيٺ ايران انقلاب جي 45 هين سا??گرهه جي تقريب ۾ شرڪت جي موقعي تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ايران سا?? پاڪستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ايران جا تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ ايران جون حڪومتون ۽ عوام هڪ ٻئي سا?? دوستاڻن لاڳاپن جي اهميت ۽ افاديت کا?? چڱ?? ريت واقف آهن. نگران وفاقي وزير چيو ته ايراني قوم پنهنجي جدوجهد ۾ بي شمار مقصد حاصل ڪيا، ايران ترقي ۽ خوشحالي طرف تيزي سا?? اڳتي وڌي رهيو آهي.