راولپنڊي – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل ع??ب امارات جي هڪ ڏينهن جي دوري تي روان?? ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع وارو و??اقي وزير خواجه محمد آصف، واپار وارو و??اقي وزير ڄام ڪمال خان، اطلاعات ۽ نشريات وارو و??اقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم جو وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ گڏيل ع??ب امارات جو هي پهريون دورو آهي. ابوظهبي ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل ع??ب امارات جي صدر محمد بن زايد النهيان جي وچ ۾ ملاقات ٿيندي. ملاقات ۾ گڏيل ع??ب امارات ۽ پا??ست??ن جي وچ ۾ تعاون جي وڌيڪ فروغ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي سان تعلق رکندڙ پا??ست??ني ۽ گڏيل ع??ب امارات جي ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم گڏيل ع??ب امارات جي اعليٰ حڪومتي عهديدارن ۽ ??ما??اتي ڪاروباري شخصيتن سان پڻ ملاقات ڪندو. وزيراعظم جو دورو پا??ست??ن ۽ گڏيل ع??ب امارات جي وچ ۾ موجود پراڻي ڀائراڻن لاڳاپن جي هڪ نئين دور جي شروعات آهي. وزيراعظم جُون اعليٰ ??ما??اتي قيادت ۽ ڪاروباري برادري سان ملاقاتون حڪومت جي سفارتي ڪاميابين ۽ دوست ملڪن جي پا??ست??ن ۾ سيڙپڪاري جي وڌندڙ رجحان جي عڪاسي ڪن ٿيون.