اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي ??ي سي) لاءِ مالي سال 2024ع دوران ان جي آپريشنل ۽ ملازمن ۽ لاڳاپيل خرچن کي پورو ڪرڻ لاءِ 5.81 بلين روپين جي رقم مختص ڪئي وئي جنهن مان مارچ 2024ع تائين جي پهرين ٽن ٽه ماهي دوران 5.06 بلين روپيا جاري ڪيا ويا آهن. جاري ڪيل پاڪستان اڪنامڪ سروي 24-2023ع موجب پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي ??ي سي) هڪ اهم ۽ موثر اليڪٽرانڪ ميڊيا ادارو آهي جيڪو حڪومتي پ??ليسين ۽ پاڪستاني عوام جي امنگن کي ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ اجاگر ڪري ٿو. ان جو مقصد ريڊيو خبرن ۽ اعليٰ معيار جي پ??وگرامن ذريعي عوام کي معلومات، تعليم ۽ تفريحي پ??وگرام فراهم ڪرڻ آهي. ريڊيو پاڪستان ناڪاري پ??ڏيهي پ??وپيگنڊا ۽ ناڪاري اثرن جو به مقابلو ڪري ٿو، ريڊيو جمهوريت، آزادي، برابري، رواداري، ۽ سماجي انصاف جي اصولن سان گڏ اسلامي نظرئي ۽ قومي اتحاد کي هٿي ڏيڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هي قومي ۽ مقامي ٻولين، ثقافت ۽ قدرن کي هٿي ڏئي ٿو. ان سان فرقيواريت، صوبائيت ۽ دهشتگردي جي حوصلا شڪني ۾ به مدد ملي ٿي. پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي ??ي سي) پاڪستان جو سڀ کان وڏو سرڪاري ميڊيا نيٽ ورڪ آهي جنهن جو نشرياتي نيٽ ورڪ سڄي ملڪ ۾ 32 براڊ ڪاسٽنگ هائوسز ۾ تقريبن 80يونٽن تي ٻڌل آهي. پي ??ي سي وٽ ايف ايم، ميڊيم ويو، شارٽ ويو ۽ سيٽلائيٽ براڊ ڪاسٽ جهڙن مختلف نشرياتي پليٽ فارمز آهن. جاري مالي سال دوران پي ??ي سي مختلف مذهبي پ??وگرام نشر ڪيا جهڙوڪ رمضان المبارڪ ۾ خصوصي پ??وگرام، روح رمضان، رمضان ماهه قرآن، غزه بدر ۽ توهين رسالت جي قانونن تي خصوصي پ??وگرام ۽ قرآن پاڪ جي حرمت جي حوالي سان آگاهي مهم شامل آهن. ريڊيوپاڪستان مختلف سرڪاري رليف پيڪيجز جي وسيع پئماني تي تشهير ۽ ڪوريج جي جن ۾ بجلي چوري خلاف مهم، ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي مهم، شاگردن لاءِ اسڪالرشپ اسڪيمن، بينطير انڪم سپورٽ پروگرام اسڪيم، قيمتن ۾ اضافي ۽ مهانگائي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ حڪومتي قدمن ۽ غير قانوني پ??ڏيهين جي واپسي لاءِ خصوصي مهم، ڪشمير مسئلي ۽ ڀارتي قابض فوج جي ظلمن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ريڊيوپاڪستان جي نيٽ ورڪ تي ڪشميرين جي يوم حق خوداراديت جي حوالي سان هڪ مباحثي جو پروگرام ۽ ريڊيو رپورٽ نشر ڪئي وئي ۽ يوم يڪجهتي ڪشمير جي حوالي سان ٻيا خصوصي پ??وگرام به نشر ڪيا ويا. بين المذاهب هم آهنگي ۽ اقليتن جي حقن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ريڊيوپاڪستان اردو ۽ علائقائي ٻولين ۾ خصوصي پ??وموز ۽ پروگرام تيار ڪيا. جولاءِ 2023ع کان مارچ 2024ع تائين جي عرصي دوران ريڊيو پاڪستان جي خبرن ۽ حالات حاضره جي چئنل معيشت تي ڌيان ڏيندي مختلف شعبن ۾ اهم حڪومتي قدمن جو احاطو ڪيو. قومي نشرياتي اداري جي طور تي ريڊيو پاڪستان 2024ع جي عام چونڊن جي جامع ڪوريج کي يقيني بڻايو، رپورٽنگ ٽيمن کي مقرر ڪيو ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سان ويجهو تعاون ڪيو. مالي سال 2024ع دوران پي ??ي سي جي آپريشنل ۽ ملازمن بابت خرچن کي پ??وو ڪرڻ لاءِ 5.81 بلين روپين جي رقم مختص ڪئي وئي هئي جنهن مان مارچ 2024ع تائين جي پهرين ٽن ٽه ماهين دوران 5.06 بلين روپيا جاري ڪيا ويا آهن. پي ??يس ڊي پي ??ي منظور ٿيل منصوبن تحت ترقياتي ڪم مختلف مرحلن ۾ آهي. پي ??يس ڊي پي پ??اجيڪٽ سوت القرآن ايف ايم نيٽ ورڪ فيز 2 جي قيام لاءِ 212.777 ملين روپين جي رقم رکي وئي. ڏنل مدي ۾ منصوبي تي عملدرآمد جاري رهيو. اهڙي طرح خيرپور کان ميڊيم ويو سروسز جي ب??ال?? بابت پي ??يس ڊي پي پ??اجيڪٽ لاءِ 444.096 ملين روپين جي رقم مختص ڪئي وئي. براڊ ڪاسٽنگ هائوس ۾ عمارت جي رنگ روغن جي ڪم جو وڏو حصو مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ باقي ڪم مقرر وقت ۾ مڪمل ڪيو ويندو. 254.945 ملين روپين ??ي لاڳت سان پي ??يس ڊي پي پ??وجيڪٽ اپ گريڊيشن آف اسٽوڊيوز ۽ ماسٽر ڪنٽرول رومز جي منظوري ڏني وئي. مقرر مدي دوران ڪل 17 مان 15 اسٽوڊويز ۽ ايم سي آرز جي اپ گريڊيشن مڪمل ٿي. ڊي آر ايم 1000 ڪلوواٽ سان هلندڙ ميڊيم ويو ٽرانسميٽر لڳائڻ لاءِ پي ??يس ڊي پي پ??اجيڪٽ تحت روات ٽرانسمٽنگ اسٽيشن جي اپ گريڊيشن لاءِ 3850 ملين روپين جي رقم منظور ڪئي وئي. ڏنل مدي دوران سائيٽ تي ڪاغذي ڪارروائي ۽ ٽينڊرنگ جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي.