اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت 1996 ملين ڊالر جو واپاري سرپلس حاصل ڪيو.ج??ڪو سمورن سروسز ۾ سڀ کان وڌيڪ بهتر آهي. جاري ڪيل اقتصادي سروي مطابق مالي سال 24ع (جولاءِ-مارچ) دوران آءِ سي ٽي ايڪسپورٽ ڪل روانگي واپار 87.4 سيڪڙو آهي ج??ڪو گذريل سال 1723 ملين ڊالر جي ڀيٽ ۾ 15.8 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مالي سال 24ع دوران آءِ سي ٽي روانگي واپار 339 ملين ڊالر سيڪڙو اضافي سان 2283 ملين ڊالرن تائين پهچي ويو، ج??ڪو گذريل سال 1944 ملين آمريڪي ڊالر هو. پاڪستان ۾ رهندڙ فري لانسرز جولاءِ کان مارچ مالي سال 24ع دوران 350.2 ملين ڊالرن جي ناڻي ذريعي پاڪستان جي معيشت ۾ پرڏيهي مٽاسٽا وارو ناڻو ڪمايو. پاڪستان سافٽ ويئر ??يڪسپورٽ بورڊ فيبروري 24ع ۾ وومن يونيورسٽي آ?? باغ آزاد ڄمون ڪشمير ۾ پهريون ڀيرو عورتن جي سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪ جي شر??عات ڪئي. مارچ 24ع تائين نيشنل انڪيوبيشن سينٽرن 1480 کان وڌيڪ اسٽارٽ اپس کي انيڪوبيٽ ڪيو آهي، جنهن ۾ هاڻ تائين 710 کان وڌيڪ ڪاميابي سان همڪنار ٿي چڪا آهن. ان اسٽارٽ اپس 128000 کان وڌيڪ ملازمتون پيدا ڪيون، مجموعي طور تي 23 ارب رپين کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري حاصل ٿي، جنهن جي مجموعي آ??دني 16 بلين رپين کان وڌيڪ آهي. ان پروگرام ذريعي 2800 کان وڌيڪ ڪاروباري عورتن کي بااختيار بڻايو ويو. جولاءِ کان مارچ مالي سال 24ع دوران ٽيليڪام سيڪٽر لچڪ جو مظاهرو ڪيو، پنهنجي خدمتن کي وسعت ڏني ۽ ٽيليڪام جي آ??دني 735 بلين رپين تائين پهچائي.