اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??راڪش جي شهنشاه محمد ڇهين جي والده محترمه شهزادي لاله لطيفه جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪي?? آهي. وزيراعظم آچر تي ايڪس تي پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ چيو ته شهنشاه محمد ڇهين جي والده جي لاڏاڻي تي سندس ڪٽنب ڀاتين ۽ مراڪش جي عوام سان تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو. هن مرحومه جي مغفرت ۽ درجن ??ي بلندي جي دعا گهري.