??سل??م آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ??اب??نا واپار واري وزارت جي سفارش تي چيني حڪومت ۽ پاڪستان حڪومت جي وچ ۾ واپاري فروغ تي تعاون جي مفاهمتي ??اد??اشت تي صحيحن ۽ گم ٿيل ماڻهن جي خاندانن جي لاءِ 50 لک رپيا في ڪس امدادي پئڪيج جي منظوري ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ??اب??نا جو اجلاس ٿيو. ??اب??نا واپار واري وزارت جي سفارش تي چيني حڪومت ۽ پاڪستان حڪومت جي وچ ۾ واپاري فروغ تي تعاون جي مفاهمتي ??اد??اشت تي صحيحن جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان مفاهمتي ??اد??اشت جو مقصد وزيراعظم جي تازي چين جي تازي دوري جي ڏس ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ واپار جو فروغ يقيني بڻائڻ آهي، مفاهمتي ??اد??اشت تحت پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مختلف شعبن خاص طور تي سمارٽ فونز جي تياري، نيو انرجي آٽو موبائيل، ٽيڪسٽائيل، زراعت ۽ زرعي مصنوعات جي پراسيسنگ، دواسازي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي صنعتن ۾ تعاون کي فروغ ڏنو ويندو. وفاقي ??اب??نا وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت جي سفارش تي نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگويجز ??سل??م آباد جي چارٽر تي قانونسازي جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ??اب??نا وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت جي سفارش تي بحرين جي تعاون سان پاڪستان ۾ قائم ٿيندڙ نرسنگ اينڊ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز بابت ڪنگ حماد يونيورسٽي جي بل جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. بحرين جي تعاون سان قائم ٿيندڙ ان يونيورسٽي ۾ دور جديد جي گهرجن جي عين موجب تعليم ۽ تربيت فراهم ڪئي ويندي. وفاقي ??اب??نا کي گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان جوڙيل بين الوزارتي ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. رپورٽ ۾ ٻڌ??يو ويو ته افغان جنگ کانپوءِ دهشتگردي پاڪستان کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو، دهشتگردي جي ڪري پاڪستان کي ڪيترن ئي قسمن جا اندروني چئلينجز درپيش آهن. گم ٿيل ماڻهن تي ڪميشن گذريل هڪ ڏهاڪي کان ڪم ڪري رهي آهي جڏهن ته پنهنجي گذريل حڪومت جي دور ۾ وزيراعظم شهباز شريف سمورين پارٽين تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪئي. اجلاس کي ٻڌ??يو ويو ته نگران حڪومت ۾ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪميٽي ٻيهر جوڙي وئي. رپورٽ جي تياري ۾ پاڪستان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پڻ تعاون ڪيو. ??اب??نا ڪميٽي جي سفارشن جي توثيق ڪندي گم ٿيل ماڻهن جي خاندانن جي لاءِ 50 لک رپيا في ڪس امدادي پئڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ??اب??نا اسٽيٽ اونڊ انٽرپرائيزز بابت ??اب??نا ڪميٽي جي 22 جولاءِ 2024ع ۾ ٿيندڙ فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.