اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي سينئر اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ت?? تحريڪ انصاف ڪور ڪمان??ر هائوس، فوجي ٺڪاڻن، حساس عمارتن ۽ شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي، 9 مئي سانحي جي ڏوهه جو اعتراف ڪندڙ هاڻي ثبوت گهري رهيو آهي. پي ٽي آءِ باني جي مشروط معافي جي حوالي سان بي??ن تي رد عمل ۾ هن چيو ته 9 مئي تي ڪور ڪمان??ر هائوس جي ٻاهران پي ٽي آءِ چيئرمين جون ٽيئي ڀينرون، ڀاڻيجا ۽ پارٽي اڳواڻ موجود هئا، سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڪور ڪمان??ر هائوس ٻاهران اڳواڻ ڏسي سگهجن ٿا، انهن جي پارٽي جي ماڻهن چيو ته خان نه ته پاڪستان نه، ان جي سياست سدائين ڀڃ ڊاهه ۽ باهيون ڏيڻ تي ٻڌل رهي آهي. طلال چوڌري چيو ته هُنن پي ٽي وي تي حملو ڪيو، پارليامينٽ جو دروازو ٽوڙيو، اهي ڪڏهن ڳلي مان جهليندا آهن ته ڪڏهن پيرين پوندا آهن، هن پي ٽي آءِ باني کي مخاطب ٿيندي چيو ته هاڻي ڪا مشروط معافي ناهي، ڏوهارين کي سزا ملندي.