اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول و??ري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چ??و آهي ته ڪلي معيشت جا اهڃاڻ بهتر ۽ پاڪستان جي معيشت صحيح رُخ ۾ اڳيان وڌي رهي آهي، معاشي استحڪام جو بنياد رکيو و??و آهي، ڍانچه جاتي سڌارن جو عمل ج??ري آهي، ٽيڪسن جو بار کڻڻ لاءِ سمورن طبقن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، صوبن جي مشاورت سان آءِ ايم ايف سان معاملن کي اڳيان وڌايو پيو وڃي، ڍانچه جاتي سڌارن جو تسلسل برقرار رکڻ سان معاشي طور پاڻڀرو ٿيڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. ڪالهه قومي معيشت جي اهم پهلو جي حوالي سان ڳالهائيندي ناڻي و??ري وفاقي وزير چيو ته معاشي استحڪام جي حوالي سان سٺي اڳڀرائي ٿي آهي. گذريل 6 مهينن ۾ اسان جنهن سفر تي هئاسين ۽ هلي رهيا آهيون ان جا ثمر اچڻ شروع ٿي ويا آهن. پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌيا آهن جيڪي 2 مهينن لاءِ روانگي واپار لاءِ ڪافي آهن، ڪرنسي مستحڪم آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خس??رو گهٽ ٿ??و آهي، اهڙيءَ طرح ليٽر آف ڪريڊٽس، روانگي واپار ۽ سيڙپڪ??ري تي منافعي جي منتقل جي حوالي سان بيڪ لاڪ ختم ڪيو و??و آهي. ناڻي و??ري وزير چيو ته ناڻي واڌ جي شرح 38 سيڪڙو تائين پهچي وئي هئي. گذريل سال آگسٽ ۾ اها شرح 23.7 سيڪڙو هئي جيڪا گهٽ ٿي 9.6 سيڪڙو ٿي وئي آهي. پاليسي ريٽ ۾ ترتيبوار گهٽتائي اچي رهي آهي جنهن سان معيشت کي مدد ملي رهي آهي. انهن قدمن ۾ ناڻي وزارت، اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻين ادارن جو ڪردار تحسين لائق آهي. هن چيو ته جولاءِ ۾ پرڏيهي مان ??ما??يل ناڻي ۾ نمايان واڌ ڏسڻ ۾ آئي. فچ ۽ موڊيز پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ هڪ نوچ جو اضافو ٿ??و آهي جيڪا ملڪي معيشت تي عالمي ادارن جي اعتماد جو مظهر آهي. ماضيءَ ۾ جڏهن به واڌ ٿيندي هئي ته گڏوگڏ خس??رو به وڌي ويندو هو. ان صورتحال جي روشنيءَ ۾ معيشت جي بنيادن کي مضبوط بڻائڻ ضروري آهي. ناڻي و??ري وزير چيو ته محصولن جي بنياد ۽ ڳاڻيٽي ۾ اضافو ضروري آهي. گذريل سال ايف بي آر جي محصولن ۾ 29 سيڪڙو واڌ ٿي پر ان باوجود مجموعي قومي پيداوار جي تناسب سان ٽيڪسن جي شرح 8.8 سيڪڙو جي ويجهو هئي. ڪوبه ملڪ ان شرح سان اڳتي نٿو وڌي سگهي. هن چيو ته ٽيڪسن جي شرح 13 سيڪڙو تائين وڌائڻ لاءِ پُرعزم آهيون. ناڻي و??ري وزير چيو ته قومي معيشت جو 43 سيڪڙو حصو هڪ سيڪڙو کان گهٽ ٽيڪس ڏئي ره??و آهي، ٽيڪسن جي بار کي سمورن طبقن کي گڏجي کڻڻو پوندو جڏهن ته پگهاردار ۽ مينيوفيڪچرنگ شعبو پهرين کان ئي ٽيڪس ڏئي ره??و آهي، هول سيلرز، ڊسٽري بيوٽرز ۽ رٽيلرز کي درخواست آهي ته هو ملڪي معيشت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، حڪومت به انهن جا جائز مسئلا ٻُڌندي ۽ ان جي فائديمند تجويزن ۽ مشورن تي عمل ڪندي. ناڻي و??ري وزير واضح لفظن ۾ چيو ته هول سيلرز، ڊسٽري بيوٽرز ۽ رٽيلرز تي ٽيڪس جي حوالي سان قدم واپس نه ٿيندا جيڪڏهن قدم واپس کنيا ويا ته اهو طبقو به ناراض ٿيندو جيڪو پهريان کان ئي ٽيڪس ڏئي ره??و آهي، ان لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ناڻي و??ري وزير چيو ته ايف بي آر پاڻ چ??و آهي ته 98 ارب رپين جو شارٽ فال آهي جڏهن ته اهو به ڏسڻو آهي ته 132 ارب رپين جا ري فنڊ به ج??ري ٿي چڪا آهن جيڪا اهم اڳڀرائي آهي ۽ ان سان ڪيش جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. رائيٽ سائزنگ جي حوالي سان ڳالهائيندي ناڻي و??ري وزير چيو ته وفاقي حڪومت جي ڳاڻيٽي ۾ گهٽتائيءَ جي حوالي سان حڪومت تمام واضع آهي جڏهن ته ان جو طريقيڪار به واضع آهي. رائيٽ سائزنگ ڪميٽيءَ ۾ 6 وزارتن کي وٺي ويا هئاسين جنهن مان 2 وزارتون ضم ٿيڻيون آهن. وزارتن جي ضم ٿيڻ سان آفيسرن جي انگ ۾ گهٽتائي ايندي. اهڙيءَ طرح سمورن خود مختيار ادارن کي و??ري و??ري سڏائي تفصيل سان سندن مؤقف ورتو پيو وڃي ۽ ان جي مطابق انهن کاتن ۽ ادارن کي بند ڪرڻ، ضم ڪرڻ يا منتقل ڪرڻ جي حوالي سان فيصلا ٿيندا ۽ انهن فيصلن تي عملدرآمد به ٿيندو. ايندڙ مرحلي ۾ 5 وزارتن کي ڪميٽي ۾ وٺي وينداسين ۽ انهن سان گڏوگڏ 1973ع جي سول سروس ايڪٽ ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ اتحادي پارٽين سان به مشاورت ڪري رهيا آهيون. آءِ ايم ايف سان معاملن تي ڳالهائيندي هن چيو ته آءِ ايم ايف سان اسٽاف سطح جو معاهدو ٿي چڪو آهي. پرڏيهي فنانسنگ جي حوالي سان به اهم اڳڀرائي ٿي آهي. سمورا تفصيل وقت تي مڪمل ٿيندا. صوبن جي مشاورت سان آءِ ايم ايف سان معاملن کي اڳيان وڌايو پيو وڃي ۽ انشاءَ الله وزيراعظم جي ويزن مطابق هي پاڪستان جو آءِ ايم ايف سان آخري پروگرام هوندو جڏهن ته ان لاءِ اسان کي ڍانچه جاتي سڌارن جو تسلسل به برقرار رکڻو آهي.