اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان دهلي هاءِ ڪورٽ پاران ڪشميري عوام جي حقن جي وڪالت ڪندڙ ڪيترين ئي سياسي پارٽين تي پابندي هڻڻ جي ڀارتي فيصلي کي برقرار رکڻ جي تازي فيصلي جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره ب??وچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارتي حڪومت پاران مقامي سياسي پارٽين تي پابندي ڪشميري عوام کي محڪوم بڻائڻ، اختلاف راءِ کي دٻائڻ ۽ ڀ??رت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي قبضي کي مس??حڪ?? ڪرڻ جي لاءِ ڀ??رت جي بي لگام مهم جو حصو آهي. ترجمان چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي حقن جي وڪالت ڪندڙ پارٽين کي غيرقانوني سرگرمين جي (روڪمٿام) ايڪٽ (يو اي پي اي) تحت خاموش ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اهو قانون ڪشميري عوام تي ڏاڍ جي هڪ هٿيار جي طور تي تيزي سان استعمال ٿي رهيو آهي. ترجمان چيو ته انهن ڪاررواين کي قانوني حيثيت ڏيڻ ۾ ڀارتي عدليه جو ڪردار ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جائز سياسي آوازن کي دٻائڻ جي منظوري ڏيندڙ ت??زن فيصلن کانپوءِ سامهون آيو آهي، گذريل سال ڀارتي سپريم ڪورٽ ڀ??رت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي ڪاررواين کي برقرار رکيو ويو هو. ترجمان ڀ??رت تي زور ڏنو ته هو سمورين سياسي پارٽين تي پابندي هٽائي جيڪي والاريل ڪشمير ۾ غيرقانوني طور تي ڪالعدم قرار ڏنيون ويون آهن، ڪشميري عوام جي حقن ۽ آزادين جو احترامڪ ري، سمورن سياسي قيدين ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن کي آزاد ۽ ڄمون ۽ ڪشمير سان لاڳاپيل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪري.