نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر جو بائيڊن ??يو آهي ته دنيا کي هن وقت ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو مشڪلاتن ۾ ورتل آهن ۽ مشڪلاتن مان نڪرڻ جو رستو هوندو آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چي?? ته جنرل اسيمبلي کي هي منهنجو چوٿون ۽ آخري خطاب آهي. جو بائيڊن چي?? ته روس يوڪرين تي حملو ڪي?? ته اسان خاموش رهي سگهياسين پئي پر ائين نه ڪيو، اسان روس جي خلاف اٿي بيٺاسين ۽ اڄ نيٽو اڳ کان وڌيڪ مضبوط آهي. هن چي?? ته چين سان معاشي مقابلي ۾ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت تي جو بائيڊن چي?? ته دنيا کي 7 آڪٽوبر جي تباهين کان پٺتي نه هٽڻ گهرجي، غزه ۾ شهري ۽ يرغمالي افسوسناڪ لمحن مان گذري رهيا ??هن. آمريڪي صدر چي?? ته غزه ۾ هزارين فلسطيني ۽ ٻار انتهائي مشڪل حالتن ۾ آهن، وچ اوڀر ۾ جنگ جو ڦهلاءُ ڪنهن جي حق ۾ نه آهي، هر مسئلي جو سفارتي حل ممڪن هوندو آهي، فلسطين مسئلي جو حل ٻه رياستن جي قيام ۾ آهي. جو بائيڊن چي?? ته غزه ۾ جنگبندي ۽ يرغمالين کي گهر واپس آڻڻ جو معاهدو فائنل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. آمريڪي صدر پنهنجي خطاب ۾ چي?? ته سوڊان ۾ خوني گهرو ويڙهه جي ڪري 80 لک ماڻهو بک جو شڪار آهن، دنيا کي سوڊان ۾ جنگجوئن کي هٿيار ڏيڻ بند ڪرڻو پوندو. صدر جو بائيڊن چي?? ته آمريڪا 2030ع تائين آلوده اخراج ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي جي راهه تي گامزن آهي، صاف توانائي کان وٺي ٽيڪنالاجي ۾ جدت تي پوري دنيا جو حق آهي. آمريڪي صدر چي?? ته گڏيل قومن کي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي پنهنجي بنيادي ڪم طرف واپس اچڻو پوندو. جو بائيڊن جو چوڻ ه?? ته مصنوعي ذهان?? جو ذميواراڻو استعمال ٿيڻ گهرجي، مصنوعي ذها??ت جي لاءِ عالمي قانون ٺاهڻ جي ضرورت آهي.