اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان عالمي ڪانفرنس 25 سيپٽمبر تي وفاقي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد ۾ ٿيندي. رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن وارو وفاقي وزير احسن اقبال خاص مهمان هوندو، جڏهن ته ملڪي ۽ پرڏيهي ماهر خطاب ڪندا. تفصيل موجب ٿنڪ ٽ??نڪ پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار ڪانفلڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽيڊيز (پڪس) بحر??ه يونيورسٽي جي گڏيل طور تي دهشتگردي جي خاتمي جي موضوع تي بحر??ه يونيورسٽي ۾ هڪ ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جو بندوبست ڪري رهيو آهي. ان ڪانفرنس جو مقصد دهشتگرد جي خاتمي جي حوالي سان پاڪستان هاڻي تائين ڪاميابين ۽ درپيش مسئلن تي بحث ڪندي عمل ج??ڳيون پاليسيون تجويز ڪرڻ آه??. ڪ??نفرنس جو افتتاح وفاقي وزير احسن اقبال ڪندو. جڏهن ته پاڪستاني ۽ پرڏيهي نمائندا مقالا پيش ڪندا.