نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي جارحاڻي ڪاررواي?? تي پاڪستان جي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تڪرار جي حل ۽ فلسطينين جي خلاف اسرائيل جي نسل ڪشيءَ جي مهم جي شديد مذمت ۽ غيرمشروط فوري جنگبندي جو پڻ مطالبو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم مح??د شهباز شريف ۽ گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي وچ ۾ گڏ??ل قومن جي جنرل اسيمبيل جي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ٿي. وزيراعظم گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران ”مستقبل جي سربراهي“ ڪانفرنس منعقد ڪرڻ ??ي آجيان ڪئي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان جي نتيجن سان اسرندڙ ملڪن کي پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) ۽ موسمياتي هدفن کي لاڳو ڪرڻ ??ي لاءِ مالياتي خال ۽ نظام کي بهتر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. سيڪريٽري جنرل کي ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي بريفنگ ڏيندي وزيراعظم والاريل واديءَ ۾ ڀارت جي جارحاڻي ڪاررواي?? تي پاڪستان جي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تڪرار کي حل ڪرڻ ??ي ضرورت تي زور ڏنو. هن سيڪريٽري جنرل تي زور ڏنو ته هو ڄمون ۽ ڪشمير بابت گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قرارداد?? تي عملدرآمد ۽ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي اثر رسوخ جو استعمال ڪري. وزيراعظم فلسطينين جي خلاف اسرائيل جي نسل ڪشيءَ جي مهم جي شديد مذمت ڪئي ۽ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي جو مطالبو ڪيو. هن عالمي برادري تي پڻ زور ڏنو ته هو اسرائيل جو احتساب ڪري. وزيراعظم خودمختيار رياست فلسطين جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي قيام جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم اسلامو فوبيا جي وڌندڙ لهر ۽ سڄي دنيا ۾ مسلمانن جي خلاف امتيازي سلوڪ کي روڪڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن سال 26 – 2025ع جي لاءِ گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي طور تي عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻ ??ي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس گڏ??ل قومن ۾ پاڪستان جي فعال شموليت سان گڏ??گڏ گڏ??ل قومن جي امن مشن ۾ شرڪت ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي قيام جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.