اسلام آ??اد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته اسلام آ??اد ۾ ڏوهن ۾ گهٽتائي آئي آهي، اهو پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي محنت جو نتيجو آهي، 5 ??هينن ۾ 400 پوليس اهلڪارن جي پروموشن ڪئي وئي آهي، عورت پوليس اسٽيشن سيف سٽي ۾ قائم ڪيون ويون آهن انهن کي جلد جدا ڪيو ويندو. پوليس لائينز اسلام آ??اد ۾ شهيدن ۽ غازين جي اعزاز ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آ??اد پوليس جي شهرين جي تحفظ جي لاءِ خدمتن کي ساراهيندو آيو آهي، 5 ??هينن ۾ ڏوهن ۾ 38 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، انهن پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي محنت جو نتيجو آهي، 5 ??هينن ۾ 400 پوليس اهلڪارن جي پروموشن ڪئي وئي آهي، عورت پوليس اسٽيشن سيف سٽي ۾ قائم ڪيون ويون آهن انهن کي جلد جدا ڪيو ويندو، مارگلا پيٽرول يونٽ قائم ڪيو، 27 ٿاڻن جي ٻيهر بحالي جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، 17 ٿاڻا مسواڙ جي جاين ۾ آهن، انهن کي جلد سرڪاري عمارتن ۾ منتقل ڪيو ويندو، 10 خدمت مرڪز ڪم ڪري رهيا آهن، سفارتي عملي ۽ غيرملڪين جا جدا خدمت مرڪز قائم ڪري رهيا آهيون، سيف سٽي کي توسيع ڏئي 7700 ڪئميرائن تائين کڻي وينداسين. آءِ جي اسلام آ??اد پوليس علي ناصر رضوي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسلام آ??اد پوليس شهيدن ۽ غازين جي وارث آهي، اسلام آ??اد پوليس ا??ٽر??ٽ ڪرائيم کان دهشتگردن جي خاتمي تائين مشن سرانجام ڏنا آهن، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن موجب وفاقي گهرو وزير جي قيادت ۾ خدمت خليق ۽ انصاف جي فرا??مي ۽ شرپسندن جي خاتمي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.