اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي ۽ ع??ائ??ائي معاملن جي ماهرن ۽ تجزيڪارن اسلام آباد ۾ ٿيندڙ شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهه اجلاس کي پاڪستان لاءِ ميمبر ملڪن سان گڏ پنهنجي اقتصادي ۽ سفارتي لاڳاپن کي مضبو?? بڻائڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هڪ گڏيل حڪمت عملي تي اتفاق ڪرڻ جو اهم موقعو قرار ڏنو آهي. شنگهائي سهڪار تنظيم جو 23هون ٻن ڏينهن وارو سربراهه اجلاس 15 کان 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ ٿي رهيو آهي. شنگهائي سهڪار تنظيم جو قيام 2001ع ۾ عمل ۾ آيو، ان جا 9 ميمبر ملڪ آهن جن ۾ چين، روس، بيلا روس، ڪرغزستان، قازقستان، ۽ ازبڪستان شامل آهن جڏهن ته پاڪستان، هندستان ۽ ايران 2017ع ۾ تنظيم ۾ شموليت اختيار ڪئي. شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس جي تياري لاءِ پاڪستان حڪومت سخت حفاظتي قدم کنيا آهن. ايونٽ دوران امن ۽ امان جي صورتحال برقراررکڻ ۽ سيڪيورٽي قدمن کي يقيني بڻائڻ لاءِ فوجي جٿن سان گڏ هزارين پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي. ع??ائ??ائي معاملن جي ماهرن ۽ تجزيڪارن جو چوڻ آهي ته شنگهائي سهڪار تنظيم پاڪستان لاءِ هڪ اهم سفارتي ۽ معاشي موقعو فراهم ڪري ٿو. انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊي اسلام آباد ۾ عالمي لاڳاپن جي ماهر محمد تيمور خان چيو آهي ته سربراهه اجلاس پاڪستان لاءِ واضح ڪرڻ جو هڪ بهترين موقعو آهي ته هو ڪنهن طرح به سيڙپڪار?? کي راغب ڪري سگهي ٿو ۽ ع??ائ??ائي رابطن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي چ??و ته ان سان پاڪستان کي پنهنجي معاشي ۽ جاگرافيائي سياسي مفادن کي وسيع تر سطح تائين اڳيان وڌائڻ جو موقعو ملندو، جيڪو ع??ائ??ائي امن، سلامتي ۽ خوشحال?? کي هٿي ڏيڻ وارين پاليسين جي حمايت ڪندو. انهن رابطن ذريعي پاڪستان نه رڳو اهم ع??ائ??ائي رانديگرن سان پنهنجا لاڳاپا مضبو?? بڻائي سگهي ٿو پر وسيع تر يوريشين رابطن جي قدمن ۾ پاڻ کي هڪ اهم ڪري طور به پيش ڪري سگهي ٿو. تجزيڪارن جو خيال هو ته شنگهائي سهڪار تنظيم هڪ وڏو پليٽ فارم آهي ۽ هي نه رڳو خطي پر پوري دنيا ۾ تبديلي آڻي سگهي ٿو، سينئر صحافي افتخار شيرازي ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي چ??و ته پاڪستان جيڪو دنيا جو پنجون سڀ کان وڏو آبادي وارو ملڪ آهي ۽ عالمي واپار لاءِ ان جي اسٽريٽجڪ بيهڪ پنهنجي عوام لاءِ موقعن مان فائدو کڻڻ لاءِ ان جي اهميت کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي. هن چ??و ته سلامتي جا معاملا ۽ موجوده ع??ائ??ائي دهشتگردي تي ڳالهيون به ان اجلاس ۾ اهم هونديون. گڏيل قومن جي هڪ نئين رپورٽ مطابق تحريڪ طالبان پاڪستان افغانستان ۾ سڀ کان وڏو دهشتگرد گروهه آهي ?? ان کي پاڪستان ۾ سرحد پار کان حملا ڪرڻ لاءِ افغان طالبان جي وڌندڙ حمايت حاصل آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ جيو اسٽريٽجڪ سان جيو اڪنامڪ فوڪس طرف منتقل ٿيڻ جو رجحان وڌي رهيو آهي ۽ شنگهائي سهڪار تنظيم جو اهو اجلاس پاڪستان لاءِ ان حڪمت عمل?? کي اڳيان وڌائڻ ۽ واضح ڪرڻ جو هڪ موقعو هوندو. عالمي مالياتي معاملن جي محقق منيب سلمان چ??و ته هي ڪانفرنس هڪ اهم ڪانفرنس هوندي، خاص طور سي پيڪ تي اڳ کان ڪم کي نظر ۾ رکندي، وچ ايشيا سان گڏ پاڪستان لاءِ اهميت رکي ٿو. ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي هن چ??و ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ٻه طرفو واپار اٽڪل 20 ارب ڊالرن آهي پر پاڪستان جو وسيلن سان مالا مال وچ ايشيا سان ڳنڍڻ هڪ پراڻو عزم آهي. اجلاس ۾ چين جو وزيراعظم لي چيانگ، روس جو وزيراعظم ميڪ هيل ميشوسٽن، بيلا روس جو وزيراعظم رومن گولو فچينڪو ۽ ايران جو پهريون نائب صدر رضا عارف شريڪ ٿيندا. قزاخستان جو وزيراعظم اولزاس بيڪ تينوف، ڪرغزستان جو اڪيل بيڪ جاپاروف، تاجڪستان جو ڪهير رسول زوده ۽ ازبڪستان جو عبدالله اريپوف به اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. ڀارت جو پرڏيهي وزير ايس جي شنڪر پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪندو.