اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عورتن تي هر قسم جي تشدد جي روڪٿام ????ءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي، پ پ صنفي مساوات ۽ عورتن کي بااختيار بڻائي هڪ بهتر معاشرو جوڙڻ ل??ءِ پُرعزم آهي. عورتن خلاف تشدد جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عورتن کي خودمختيار بڻائڻ ۽ سندن حفاظت، وق??ر ۽ حقن جي تحفظ ل??ءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻو پوندو. پ پ هڪ اهڙو معاشرو جوڙڻ ل??ءِ پُرعزم آهي جتي خوف، فرق ۽ تشدد جي ڪا جڳهه نه هجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته صنفي بنياد تي تشدد جي ڦهلاءُ تي ڳڻتي آهي، جامع قانونسازي، سماجي ۽ ثقافتي سڌارن ذريعي ڪارڻن کي ختم ڪرڻو پوندو، عورتن خلاف تشدد انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي ۽ هڪ منصفاڻي مساوي معاشري جي قيام ۾ وڏي رنڊڪ آهي، اسان کي ان جي خاتمي ل??ءِ هر رُخ سان عزم ڪرڻو پوندو، چاهي اهو گهر ۾ هجي، ڪم وارين جاين تي هجي يا عوامي ماڳن تي هجي. هن چيو ته پ پ ملڪ ۾ پهريون ڀيرو عورتن کي وزيراعظم، اسپيڪر، وزيرن جهڙن عهدن تي چونڊ ۽ ججن جهڙن منصن تي مقرر ڪيو. قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 1973ع جي آئين ذريعي صنفي مساوات جو بنياد رکيو، اسان جو آئين عورتن خلاف اڻبرابري واري سلوڪ جي خاتمي ۽ زندگي جي سمورن شعبن ۾ سندن شرڪت کي هٿي ڏئي ٿو. هن چيو ته شهيد ڀٽو عورتن جي تع??يم?? کين بااختيار بڻائڻ ۽ سندن تحفظ تي ڌيان ڏئي پاڪستاني عورتن ل??ءِ نوان موقعا پيدا ڪيا، شهيد محترمه بينظير ڀٽو عورتن ??ي حقن جي هڪ ورلڊ آئيڪون آهي، بي بي شهيد عورتن ل??ءِ ڌار پوليس اسٽيشنون، فرسٽ وومن بئنڪ ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام جهڙا ادارا قائم ڪيا، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي اهڙن قدمن عورتن ل??ءِ بي شمار موقعا پيدا ڪيا، اسان شهيد راڻي جي مشن کي جاري رکنداسين ته جيئن هڪ اهڙو معاشرو بڻائي سگهجي جتي عورتون محفوظ، باوق??ر ۽ ترقي ۾ برابر جون ڀائيوار هجن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته صدر آصف علي زرداري جي عورتن جي ترقي ۽ ڀلائيءَ وارا قدم به تاريخي آهن، صدر زرداري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ??تعارف ڪرايو جيڪو غربت جي خاتمي ل??ءِ هڪ عالمي سطح تي تسليم ٿيل پروگرام بڻجي چڪو آهي. پ پ عورتن آبادگارن کي زمينون فراهم ڪيون، ٻه ملين کان وڌيڪ عورت ٻوڏ متاثرن جي رهائشي پلاٽ ڏنا ويا. هن چيو ته پ پ جي صوبائي حڪومت عورتن کي پنهنجو ڪاروبار هلائڻ ل??ءِ بنا وياج قرض فراهم ڪيا، آسان قرض اسڪيم جي 97 سيڪڙو عورتن قرض واپس ڪيا ۽ پنهنجو ڪاروبار ڪاميابيءَ سان هلايو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ حڪومت جا قانونسازيءَ ??ي حوالي سان قدم به تعريف جوڳا آهن، حڪومت سنڌ گهريلو تشدد جي روڪٿام ۽ تحفظ ايڪٽ 2013ع جهڙا قانون بڻايا، عورتن کي ڪم وارن ماڳن تي هراسان ڪرڻ سان تحفظ ايڪٽ ۽ چائلڊ ميريج ريسٽرينٽ ايڪٽ 2013ع به اهڙن قدمن ۾ شامل آهن. انهن قانونن جي اثرائتي لاڳو ٿيڻ جي اهميت تي زور ڀريو ته جيئن عورتن ??ي حقن جو حقيقي تحفظ ممڪن ٿي سگهي، عورتن خلاف تشدد جو خاتمو صرف عورتن جو مسئلو ناهي، پر هي هڪ سماجي مسئلو هي جيڪو اجتماعي جدوجهد جي متقاضي آهي. هن چيو ته گڏجي ڪري اسان هڪ اهڙو مستقبل بنائي سگهون ٿا جتي هر عورت خوف ۽ عدم مساوات کان آزاد زندگي گذاري سگهي، تشدد سبب متاثر عورتن کي انصاف جي فراهمي ۽ متاثرن کي با اختيار بنائڻ ل??ءِ مضبوط مددگار نظام ??ائم ڪرڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ جي ڏينهن شعور اجاگر ڪرڻ، متاثرن ??ي حمايت ڪرڻ ۽ صنفي مساوات کي گڏيل ذميواري طور تي هٿي وٺرائڻ جي عزم سان ملهايو وڃي.