اسلام آباد _ 08 نومبر (اي پي پي) مفڪر پاڪستان، شاعر مشرق ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جو جنم ڏينهن 9 نومبر ڇنڇر تي سڄي م??ڪ ۾ ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندو، علامه اقبال 9 نومبر 1877ع ۾ سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيو، ان موقعي تي سڄي م??لڪ ۾ ڊويزنل، ضلعي، سٽي هيڊ ڪوارٽرز سطح ??ي مخت??ف تنظيمن نظريه پاڪستان فائونڊيشن، تحريڪ پاڪستان ورڪرز ٽرسٽ، علامه اقبال لورز فيڊريشن، اقبال اڪيڊمي ۽ مخت??ف تنظيمن جي انتظام هيٺ خاص تقريبون، سيمينارز، ڪانفرنسز، مذاڪرا، بحث، تقريري م??ابلا، بيت بازي جا پروگرام منعقد ڪيا ويندا، جن ۾ فلسفي شاعر جي تحريڪ پاڪستان ۽ مسلمان امت لاءِ خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو. اقبال ڏهاڙي جي مرڪزي تقريب فلسفي شاعر جي مزار تي م??عقد ٿيندي جتي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو ۽ ڪيڊٽس جي تبديلي به ٿيندي. ان موقعي تي اليڪٽرانڪ م??ڊي?? خاص پروگرام نشر ڪندو جڏهن ته پرنٽ م??ڊي?? ۾ پڻ خاص مضمون شايع ڪيا ويندا.