اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته اسان کي گڏجي پوليو جهڙي چئلينج کي شڪست ڏيڻي آه??، ج??د پاڪستان پوليو فري ملڪ بڻجندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پوليو اوور سائيٽ بورڊ جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جو نمائندو ڪرسٽوفر ايلياس، صحت جي عالمي اداري جو ريجنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر حنان بلخي، يونيسيف روزا جو ريجنل ڊائريڪٽر سنجي وجيسيڪارا، سينٽر فار ڊيزيز ڪنٽرول اينڊ پرويوينشن جي ڊپٽي ڊائريٽر اينڊريا فرسٽڊٽ، روٽري فائونڊيشن جو ٽرسٽي ۽ نيشنل چيئر عزيز ميمڻ، ڪنگ سلمان هيومنٽرين اينڊ ريليف سينٽر جو ڊاڪٽر زياد ميمش ۽ ڪي ايس ريليف جو هيلٿ ۽ انوائرمنٽل ايڊوائ??زر ڊاڪٽر عبدالله صالح شامل هئا. وزيراعظم پاڪستان اچڻ تي ۽ پوليو جي خاتمي جي ڪوششن ۾ پاڪستان حڪومت جو ساٿ ڏيڻ تي وفد جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ڪنگ سلمان فائونڊيشن، بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن، روٽري فائونڊيسن، يونيسيف ۽ سي ڊي سي جا ٿورا مڃيا جيڪي پوليو جي خاتمي ??اري مهم ۾ پاڪستان حڪومت سان شريڪ آه??، انهن سمورين تنظيمن جو ڪردار پوليو جي خاتمي ??اري مهم ۾ عالمي ڪوششن کي ظاهر ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان کي گڏجي پوليو جهڙي چئلينج کي شڪست ڏيڻي آه??، ج??د پاڪستان پوليو فري ملڪ بڻجندو. وزيراعطم چيو ته جيستائين پوليو کي سدائين جي لاءِ شڪست نه ڏينداسين سک سان نه ويهنداسين، پوليو جي خاتمي جي حوالي سان سمورن صوبن کي اعتماد ۾ ورتو ويو آه?? ۽ وفاق ۽ سمورا صوبا گڏجي پوليو جي خاتمي جي خلاف قدم کڻي رهيا آه??. وزيراعظم پوليو جي خاتمي جي حوالي سان سمورن وڏن وزيرن ۽ چيف سيڪريٽرين جي ڪارڪردگ?? کي ساراهيو. وفد پوليو جي خاتمي جي حوالي سان وزيراعظم ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو. بل اينڊ ملينڊا گيٽس جي نمائندي ڊاڪٽر ڪرسٽوفر ايلياس چيو ته پاڪستان جي پوليو جي خاتمي جي موجوده حڪمت عملي تي بهتر طريقي سان عملدرآمد ٿي رهيو آه?? جنهن جا نتيجا ميڪرو سطح تي نظر اچڻ شروع ٿي ويا آه??، ج??د ئي پوليو ڪيسز ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي ويندي. صحت جي عالمي اداري جي نمائندي ڊاڪٽر حنان بلخي چيو ته صحت جي حوالي سان خطي جي ملڪن کي رابطا بهتر ڪرڻ ۽ ان حوالي سان ڊائيلاگ شروع ڪرڻ جي ضرورت آه??. ملاقات م پوليو جي خاتمي جي حوالي سان حڪومتي ڪوششن تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي تازو ئي ٿيندڙ پوليو جي خاتمي ??اري مهم دوران قومي صحت واري وزارت ۽ پوليو جي خاتمي ??اري پروگرام سان لاڳاپيل آفيسرن پوليو کان متاثر ڏورانهن علائقن جو دورو ڪيو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي تازو پوليو جي خاتمي ??اري مهم جي ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائي وئي آه??، ج?? ٻارن ۾ پوليو جي سُڃاڻپ ٿي آه?? انهن جي سارسنڀال ڪئي پئي وڃي. ملڪ جي جن علائقن ۾ ٻارن ۾ پوليو ويڪسينيشن جي شرح بهتر آه?? اتي پوليو جو ڦهلاءُ گهٽ آه??. ملاقات ۾ وزيراعظم جي قومي صحت واري ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ، وزيراعظم جي پوليو جي خاتمي ??اري فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.