اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف ڪرم ضلعي ۾ معصوم ??هر??ن بشمول عورتن ۽ ٻارن جي قافلي تي شرپسندن جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ملڪ دشمن عنصرن جي ملڪ جي امن کي تباهه ڪرڻ جي سمورين ڪڌين ڪوششن کي ناڪام بڻائينداسين، معصوم ??هر??ن جي قافلي تي حملو حيوانيت جي برابر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف حملي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت مارجي ويل ماڻهن جي در??ن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم حملي ۾ زخمي ٿيندڙن کي به??رين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم حملي آورن جي نشاندهي ڪري انهن کي سخت سزا ڏيارڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف چيو ته ملڪ جي امن جي دشمنن معصوم ??هر??ن جي قافلي تي حملو حيوانيت جي برابر آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ دشمن عنصرن جي ملڪ جي امن کي تباهه ڪرڻ جي سمورين ڪڌين ڪوششن کي ناڪام بڻائينداسين. وزيراعطم چيو ته واقعي ۾ ملوث شرپسند عنصرن جي نشاندهي ڪري انهن کي مثالي سزا ڏني ويندي، تخريبڪار اهڙي بزدلاڻي ڪاررواين سان به??در پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف چيو ته شرپسند عنصر جيڪي معصوم ??هر??ن جو رت وهائين ٿا، اهي مسلمان ته ڇا انسان سڏرائڻ جي به لائق نه آهن.