پشاور-25 ڊسمبر (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ڪرسمس جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چي?? آهي ته ملڪ خاص طور تي ڪي پي ڪي جي مسي??ي برادريءَ کي ڪرسمس جي خوشين تي دلي مبارڪون پيش ڪريون ٿا، ڪرسمن امن، محنت، هڪٻئي جو احترام ڪرڻ ۽ خوشيون وِرهائڻ جو ڏڻ آهي. گورنر چي?? ته ڪرسمس محبت، امن، رواداري ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏئي ٿو، جيڪي انساني زندگيءَ جا بنيادي اصولن آهن، ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۽ استحڪام ۾ مسي??ي برادريءَ جون خدمتون هميشه تعريف جوڳيون رهيون آهن. هن چي?? ته اسان جي ملڪ جو آئين سمورن شهرين کي هڪجهڙا حق فراهم ڪري ٿو، اسان سڀني کي گڏجي هڪ پُرامن، خوشحال ۽ ترقي يافته معاشري جي قيام لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن. هن چي?? ته اسان کي سمورا اختلاف وِِساري هڪ بهتر ۽ هم آهنگ معاشري جي قيام لاءِ متحد رهڻو آهي، پاڪستاني هئڻ جي حيثيت سان ملڪ جي ترقي، امن ۽ محبت کي ه??ي ڏيڻ لاءِ پنهنجي ڪردار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻو آهي.