اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم آنجهاني ڊاڪٽر ??نم??هن سنگهه جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. نائب وزيراعظم ايڪس تي پنهن??ي پوسٽ ۾ چ??و ته ڊاڪٽر ??نم??هن سنگهه جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي افسوس ٿيو. پاڪستان جي چ??وا?? ضلعي جي هڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيندڙ ڊاڪٽر ??نم??هن سنگهه هڪ ناليوارو اقتصاديات جو ماهر ۽ سياسي اڳواڻ هو. آنجهاني کي سندس دانشمندي ۽ نرم مزاجي جي طور تي ياد رکيو ويندو. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته اقتصاديات جي ميدان ۾ پنهنجي نمايان ڪاميابين کان هٽي ڪري ڊاڪٽر ??نم??هن سنگهه علائقائي امن جي فروغ جي لاءِ عزم رکندو هو، علائقائي مسئلن تي سندس موقف سندس ان يقين جي عڪاسي ڪندو هو ته گڏيل افهام تفهيم، ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون گڏيل ترقي جي لاءِ ضروري آهي. هن بطور وزيراعظم پنهنجي دور ۾ پاڪ ڀارت ٻطرفن لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۾ ذڪر جوڳو ڪردار ادا ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت ڊاڪٽر ??نم??هن سنگهه جي گهرڀاتين ۽ ڀا??تي حڪومت ۽ عوام سان پنهنجي دلي تعزيت جو اظهار ڪري ٿو.