اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ا??ٽر??يشنل ايئر لائن (پي آءِ اي) جو يورپ لاءِ فلائيٽ آپريشن بحال ٿي ويو. ڪالهه اسلام آباد ا??ٽر??يشنل ايئرپورٽ کان پئرس لاءِ پهرين اُڏام رواني ٿي وئي. هوابازي واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف يورپ لاءِ قومي ايئر لائن جي فلائيٽ آپريشن جي ٻيهر شروعات جي آجيان ڪندي مسافرن کي الوداع ڪيو. يو??پي يونين طرفان قومي ايئر لائن تي تقريبن ساڍن چئن سالن کان پابندي هئي جنهن جي خاتمي کانپوءِ اهي اُڏامون بحال ٿي ويون. ان موقعي تي خطاب ڪندي خواجه محمد آصف يورپ لاءِ اُڏامن جي بحاليءَ کي تاريخي لمحو قرار ڏيندي چيو ته لاڳيتو قومي جهنڊي بردار اُڏامون پوري يورپ ۾ آپريٽ ٿينديون. هن پي آءِ اي جي ماضيءَ جي وقار کي بحال ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته نيشنل فليگ ڪيريئر اسان جو فخر ۽ اسان جي سُڃاڻپ آهي. وفاقي وزير ٻُڌايو ته پي آءِ اي جون برطانيه ۽ آمريڪا لاءِ اُڏامون پڻ جلد شروع ٿينديون. خواجه محمد آصف چيو ته پي آءِ اي جي ٻيڙي کي وڌايو ويندو. هن چيو ته پي آءِ اي مارڪيٽ تي ٻيهر ڌاڪو ڄمائيندي. ان موقعي تي هوابازي واري وزارت جا سينيئر آفيسر، قومي اُڏام ۽ ايئرپورٽ جا عملدار به موجود هئا. پاڪستان ا??ٽر??يشنل ايئر لائن جي تقريبن ساڍن چئن سالن جي عرصي کان پوءِ پئرس لاءِ پهرين اُڏام جمعي ڏينهن رواني ٿي وئي. پي آءِ اي پئرس لاءِ هفتيوار ٻه اُڏامون سڌيءَ ريت هلائي رهي آهي. پئرس ايندڙ ۽ ويندڙ پهرين ۽ ٻي اُڏام لاءِ فلائيٽ بُڪنگ اڳ ئي مڪمل ٿي چڪي آهي جيڪو سٺو سنوڻ آهي. پي آءِ اي انٽرا نيٽ وائرليس ا??ٽر??ينمينٽ سسٽم ذريعي ان فلائيٽ ا??ٽر??ينمينٽ لاءِ به خ??وصي انتظام ڪيا آهن. مسافر پنهنجي موبائل فون، ٽيبليٽ يا ليپ ٽاپ ڪمپيوٽر ذريعي ان فلائٽ ا??ٽر??ينمينٽ استعمال ڪري سگهندا. مسافرن طرفان فلائيٽ تي مثبت ردِعمل ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪيو ويو. پئرس جون اُڏامون هاڻ فرانس ۽ پاڪستان ۾ پاڪستانين جي پُراڻي خواهش کي پورو ڪندي. پي آءِ اي طرفان مسافرن کي وقت جي بچت جي سهولت سان گڏ سستي اگهه تي ٽڪيٽ فراهم ڪيا ويا آهن.