اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي موجودگي ۾ پاڪستان ۽ ٽي عالمي مالياتي ادارن جي وچ ۾ 1500 ملين ڊالر جي مالياتي مع??هدن تي صحيحون ڪيون ويون، اهو مع??هدا عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ ايشئين انفرااسٽرڪچر ڊلپمينٽ بئنڪ سان طئي ٿيا. ايشيائي ترقياتي بئنڪ ڪوويڊ 19 ايڪٽو رسپانس اينڊ ايڪسپينڊيچر سپورٽ پروگرام لاءِ 500 ملين ڊالر جي مالي مدد فراهم ڪندو، ان جو مقصد حڪومت پاڪستان کي ان جي صحت جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ ڪورونا وبا جي سماجي ۽ مع??شي اثرن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ڪوششن ۾ ??عا??ن فراهم ڪرڻ آهي، انهي طرح ايشيئن انفرااسٽرڪچر انويسٽمنيٽ بئنڪ به ڪوويڊ 19 ايڪٽو ريسپانس اينڊ ايڪسپينڊيچر سپورٽ پروگرام لاءِ 500 ملين ڊالر جي مع??ون فنانسنگ فراهم ڪري رهيو آهي، ان جو مقصد ڪورونا وبا جي اثرن تي ضابطو آڻڻ جي حڪومتي ڪوششن ۾ ??عا??ن فراهم ڪرڻ آهي، ان کانسواءِ انساني وسيلن جي ترقي لاءِ ضروري صحت ۽ ??عل??م جي نظام کي مضبوط بڻائڻ، مع??شي پيداوار ۾ ??ور??ن جي ڪردار جي حوصلا افزائي ۽ سماجي تحفظ جي منصوبن ۾ بهتري ۾ مدد جي سلسلي ۾ اسيڪورنگ هيومن انويسٽمينٽس ٽو فاسٽر ٽرانسفارميشن (شفٽ) لاءِ 500 ملين ڊالر جي مع??هدي تي به صحيحون ڪيون ويون.