اسلام آباد – 23 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ?? پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس ??ار??يامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي 22 هين سيشن دوران ايوان جي ڪارروا??ي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته ايوان جي ڪارروائي قاعدن ۽ ضابطن تحت هلائي ويندي ۽ ايوان جو ماحول خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏني ويندي. خوشگوار ماحول ۾ ايوان جي ڪارروائي جي لاءِ تعاون تي سمورين ??ار??ياماني ??ار??ين جو ٿورائتو آهيان. اميد آهي ته اسيمبلي جي ايندڙ اجلاسن ۾ به انهي جذبي کي برقرار رکيو ويندو. ??ار??ياماني اڳواڻن پنهنجي ميمبرن کي بجيٽ تي عام بحث ۾ حصو وٺڻ لاءِ وڌ کان وڌ موقعو فراهم ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو.