اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان مني گرام ڪمپني جي چيف ايگزيڪيٽو ۽ چيئرمين وليم اليگزنڊر هولمز جي قيادت ۾ وفد ??زيراعظم آفيس ۾ ملاقات ڪئي، ناڻي وارو صلاحڪار ??بدالحفيظ شيخ ۽ واپار وارو صلاحڪار ??بدالرزاق دائود به ملاقات ۾ موجود هئا، مني گرام انٽرنيشنل ان ڪارپوريشن رقم جي پهچ ۽ عالمي طور تي تسليم ٿيل آمريڪي ڪمپني آهي جيڪا 200 کان وڌيڪ ملڪن ۾ ساڍا 3 لک جي لڳ ڀڳ ايجنٽ هنڌن تي پنهنجون ??دم??ون فراهم ڪري رهي آهي.