اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ استحڪام جي لا??ِ وفاق جي سطح تي پرائس ڪنٽرول اٿارٽي قائم ڪرڻ ۽ کير سميت کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوٽ جي روڪٿام لا??ِ صوبن کي فوري قدم کڻڻ، گهرن جي اڏاوتن تي سيلز ٽيڪس جي خاتمي، ويليو ايڊيڊ ٽيڪس ۾ گهٽتائي جي لا??ِ لاڳاپيل ادارن کي قدم کڻڻ جي هدايت ڏئي ڇڏي آهي. هو اڪيڊمي آف لبرل آرٽس جي لانچنگ جي تق??يب کي خطاب ڪري ??هي هئي.