اسلام آباد – 03 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته سڄي ملڪ ۾ ضروري شين جي دستيابي ۽ فراهمي کي برقرار رکڻ جي معاملي تي ڪو به ٺاهه نه ٿيڻ گهرجي، ذخيره اندوزي ڪندڙن ۽ اسمگلرن کي عبرت جو نشانو بڻايو ويندو. هن ا??ڙن خيالن جو اظهار ڪورونا وائرس (ڪووڊ 19) جي روڪٿام لاءِ قائم نيشنل ڪمانڊ ا??نڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي دوري جي موقعي تي ڪيو.