اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) وفاقي ڪابينا کي اڏاوتن جي شعبي ۾ آسانيون فراهم ڪرڻ، ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ ناڻي واڌ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ٻن آرڊيننس جي حوالي سان بر??فن?? ڏني وئي، آرديننس ۾ ذخيره اندوزن ۽ اسمگلنگ ڪندڙن جي لاءِ سخت سزائون تجويز ڪيون ويون آهن، اهو قدم ناجائز منافعي خوري ۽ ذخيره اندوزي جي خاتمي لاءِ و??ير??عظم عمران خان جي ويزن موجب رليف هيٺئين سطح تي پهچائڻ لاءِ هڪ قانوني ڪوشش آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن و??ير??عظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ و??ير??عظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص م??دگ??ر ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ صحافين کي بر??فن?? ڏيندي ٻڌايو ته و??ير??عظم جي هدايت تي اڏاوتن جي شعبي ۾ آسانيون فراهم ڪرڻ جي لاءِ و??ير??عظم جي هدايت تي آرڊيننس آندو پيو وڃي، ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام سان گڏوگڏ ناڻي واڌ کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ ضروري شين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ و??ير??عظم جي هدايت تي آرڊيننس ۾ ذخيره اندوزن ۽ اسمگلنگ ڪندڙن جي لاءِ سخت سزائون تجويز ڪيون ويون آهن. وفاقي ڪابينا قانونسازي بابت ڪابينا ڪميٽي جي 3 اپريل جي فيصلن، اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 8 ۽ 9 اپريل جي فيصلن جي توثيق ڪئي.